جهانگير بدر

جهانگير بدر

جهانگير بدر

جهانگير بدر: مشهور سياستدان ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ جهانگير بدر، 1948ع ڌاري لاهور ۾ پيدا ٿيو. هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان بي. ڪام، ايم. ڪام، ايل. ايل. بي ۽ ايم. اي سياسيات جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز 1969ع ۾ پنجاب يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن ۾ حصو وٺي ڪيائين. پيپلز پارٽيءَ جي قيام کان وٺي اڄ تائين وفادار ميمبر جي حيثيت سان پارٽيءَ سان ڳنڍيل آهي. 1972ع ۾ لاهور ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس جو جز وقتي ليڪچرار مقرر ٿيو. 1979ع ۾ شهيد ڀُٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ بينظير جو ساٿ ڏنائين. تحريڪ بحاليءَ جمهوريت (M.R.D) ۾ فعال ڪردار ادا ڪيائين. پيپلزپارٽي پنجاب جو صدر ٿيو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ هر طرح جون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪيائين، گرفتاري، نظربندي، جرمانا، ڪوڙا، جسماني تشدد، پر هن پارٽي جو ساٿ نه ڇڏيو. نومبر 1988ع جي عام چونڊن ۾ لاهور مان قومي اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي ڪابينا ۾ تعميرات سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جو وفاقي وزير مقرر ٿيو. ان کان سواءِ 1994ع ۾ سينيٽ جو رڪن منتخب ٿيو. 2008ع جي عام چونڊن ۾ منتخب ٿي قومي اسيمبلي جو رڪن بڻيو آهي. هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو